دولت خانه

دولت خانه (محل): 1881ع ڌاري نواب صادق محمد خان چوٿين، ٻه لک روپين جي خرچ سان بهاولپور ۾ هڪ ٻيو محل اڏرايو، جيڪو ’دولت خانه‘ جي نالي سان مشهورٿيو، ان جي چؤگرد هڪ قلعي جھڙي ڀت اڏائي ويئي هئي ۽ ڀت سان گڏ اندر هڪ سهڻو باغ پڻ لڳايو ويو هو. ان جي آسپاس بگھي خاني، رٿ خاني ۽ توشه خانيءَ جو عمارتون هيون ۽ گڏوگڏ چار سئو فوٽ ڊگھو ۽ هڪ سؤ پنجاهه فوٽ ويڪرو تلاءُ به هو، جنهن جي سامهون ننڍڙي سهڻي مسجد تعمير ڪرائي وئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو